اسلام آباد – په??ين مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي پارليامينٽ گڏيل قرارداد جي متفقه طور تي من??وري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ 26 ۽ 27 فيبروري ??ي پاڪستان جي خلاف ڀارتي جارحيت جي شديد مذمت ڪندي ڀارتي دعوائن کي مڪمل طور تي رد ڪيو ويو آهي ۽ چيو آهي ته سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺي آهي، پاڪستان 27 فيبروري ??ي پنهنجي دفاع جي ح??، عزم ۽ صلاحيت جو مظاهرو ڪيو آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران سڀني سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ پيش ڪيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل اجلاس 26 ۽ 27 فيبروري تي ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو جيڪو گڏيل قومن جي پڌرنامي، عالمي قانونن ۽ رياس??ن جي وچ ۾ قدرن جي سخت خلاف ورزي آهي.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا