اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ناجائز قبضا ختم ڪري سرڪاري زمين آزاد ڪرائي وي??دي?? وفاقي گادي واري شهر ۾ ناجائز قبضن جي خلاف جاري آپريشن جو پهريون مرحلو محرم الحرام کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ان کانپوءِ لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ قبضن جي خلاف آپريشن ڪيا ويندا، سي ڊي اي قبضن جي خلاف آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون آهن. وزيراعظم عمران خان جلد ڪراچي جو دورو ڪندو، اتي ج??د صفائي مهم شروع ڪئي وي??دي?? ڪراچي جي عوام تحريڪ انصاف کي سڀ کان وڏو مينڊيٽ ڏنو آهي. سي ڊي اي پ??را?? غيرقانوني قبضن جي خلاف جاري آپريشن جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ناجائز قبضا ختم ڪري سرڪاري زمين آزاد ڪرائي ويندي.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش