اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدعنواني جو خاتمو ۽ ڦريل دولت جي واپسي وڏا چئ??ين??ز آهن، وائٽ ڪالر ڏوهن کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ ايف آءِ اي ۽ نيب جي وچ ۾ وسيع تر رابطي جي ضرورت آهي، گهربل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ گهرو وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن بابت بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، وزيراعظم جي خصوصي معاون نعيم الحق ۽ افتخار دراني، قومي اسيمبلي ميمبر شهريار آفريدي، گهرو سيڪريٽري يو??ف نسيم کوکر، وزيراعظم جي سيڪريٽري اعظم خان ۽ گهرو وزارت جي مختلف کاتن جي سربراهي ڪندڙ سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر