لاهور – 19 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ چيو آهي ته عام چونڊن جي ڏينهن کي نظر ۾ رکندي عظيم تر ڪوششن، هوشيار رهڻ ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پولنگ جو عمل سٺي ۽ پرامن انداز ۾ مڪمل ٿئي، سياسي قيادت ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندڙ عوام جي ??حف?? ۽ سلامتي يقيني بڻائن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ گورنر هائوس لاهور ۾ امن امان جي صورتحال ۽ عام چونڊون 2018ع جي موقعي تي امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيارين جي جائزي اجلاس جي دوران ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير ڊاڪٽر حسن عسڪري ??ضوي، پنجاب جي گهرو نگران وزير شوڪت جاو??د، بلديات جي وزير ظفر محمود، اطلاعات جي صوبائي وزير احمد وقاص رياض، چيف سيڪريٽري ??ڪبر حسين دراني، آءِ جي پوليس ڪليم امام، صوبائي چيف اليڪشن ڪمشنر ظفر اقبال حسين ۽ ٻين سينئر سرڪاري ??هديدارن شرڪت ڪئي.
عام چونڊن جي ڏينهن کي نظر ۾ رکندي عظيم تر ڪوششن، هوشيار رهڻ ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج