دمشق-13 ڊسمبر (اي پي پي)شام جي عارضي حڪومت چيو آهي ته صدر بشارالاسد جي برطرفي بعد ملڪ جو آئين ۽ پارليامينٽ ٽن مهينن لاءِ معطل رهندو. پر??يهي خابرو اداري م??اب?? اها ڳالهه شام جي عارضي حڪومت جي ترجمان عبيده ارناط هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته هڪ عدالتي ۽ انساني حقن جي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا آئين جو جائزو وٺي ترميم پيش ڪندي، موجوده آئين 2012ع جو آهي ۽ ان ۾ اسلام کي رياستي مذهب جي طور مقرر ناهي ڪيو ويو. ترجمان ??ڌايو ته اهو عارضي دور ٽن مهينن تائين جاري رهندو، ادارن جو تحفظ اسان جي په??ين ترجيع آهي، عوام خلاف ڏوهه ڪندڙن جو قانون م??اب?? فيصلو ڪيو ويندو. مذهبي ۽ شخصي آزادين بابت سوال تي هن چيو ته اسان شام ۾ مذهب ۽ روايتن جو احترام ڪيون ٿا، ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ